پرڀداس برهمچاري

پرڀداس برهمچاري: پرڀداس برهمچاري پٽ ميلهو مل، 21 فيبروري 1904ع تي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. تعليم ۽ تربيت اتي ئي ورتائين. پڪو ديش ڀڳت ۽ سماجي ورڪر ۽ آزاديءَ جي هلچل جو سرگرم ڪارڪن رهيو آهي. ٻه ٽي ڀيرا جيل به ويو. نوشهري جي راشٽريه ڪنيا پاٺشالا جو مئنيجر رهيو. سماجي، اخلاقي ۽ ادبي ڪمن ۾ اڳڀرو رهيو. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ سندس شمار ايڊيٽر، پبلشر، اديب ۽ شاعر طور ٿئي ٿو. شاعريءَ ۾ ”پياسي“ تخلص ڪم آڻيندو هو. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي اجمير ۾ ويٺو، جتي رام ڪرشن دواخانو هلايائين، ۽ سٺو حڪيم رهيو. اجمير مان ڌارمڪ رسالو ”آتم درشن“ جاري ڪيائين. رسالي ”ڦلواڙي“ جو ايڊيٽر رهيو. ڪستور ٻاناري پاٺشالا جو مئنيجر ۽ سِڌا سڀا جو صدر رهيو آهي. ٻارڙن جي ٻاريءَ ۾ به مکيه ڪردار ادا ڪيائين. هن جي لکيل ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي: ”شري رام ڪرشن“ (1936)، ”برهمچاريه
(مهاتما گانڌيءَ جي ڪتاب جو ترجمو: 1937ع)، ”جڳت گرو سوامي وويڪانند“ (1940)، ”روشن راهه“ (والميڪ جي يوگ ورشٽ جو ترجمو: 1944)، سنڌي ٻاراڻو ڪتاب (1945)، ”سنڌي پهريون ڪتاب“ (1945)، ”استري سنسار“(ترجمو: 1946)، ”ڪانگريس ڪهاڻي“ (1946)، ”رام ورگا“ (1947) اشٽا وڪر گپتا ۽ ڪلياڻ مارگ (ٽي جلد)، سڀاش چندر (ترجمو)، وويڪ چوڙامڻي (ترجمو)، راجپوت ڪهاڻيون (ترجمو)، رکڙي ٻنڌن وغيره.


لفظ پرڀداس برهمچاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو